مهانگائي غريب عوام جي چيلهه ٽوڙي وڌي، هفتيوار رپورٽ جاري

اسلام آباد: شماريات کاتي هفتيوار مهانگائي جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي جنهن موجب هلندڙ هفتي گيهه، ڪڪڙ، چانور ۽ پٽاٽن سميت 29 عام واهپي واريون شيون مهانگيون ٿيون آهن.
شماريات کاتي موجب هڪ هفتي دوران مهانگائي جي شرح ۾ 0.17 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
رپورٽ موجب هلندڙ هفتي دوران پٽاٽا 2 رپيا 91 پئسا في ڪلو مهانگا ٿيا، جڏهن ته جيئري ڪڪڙ جي في ڪلو قيمت ۾ 26 رپيا 94 پئسا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
باسمتي چانور 6 رپيا 30 پئسا في ڪلو، ڪيلا في ڊزن 8 رپيا 82 پئسا ۽ ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 103 رپيا 87 پئسا مهانگو ٿيو.
انکانسواءِ اڍائي ڪلو وارو گيهه جو دٻو 35 رپيا 68 پئسا، ماش جي دال 9 رپيا 62 پئسا، ٿوم 9 رپيا 87 پئسا في ڪلو، مڱن جي دال 6 رپيا 4 پئسا، چڻن جي دال چار رپيا 77 پئسا، مهري جي دال 3 رپيا 39 پئسا في ڪلو مهانگي ٿي.
شماريات کاتي جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هلندڙ هفتي بصر 24 رپيا 27 پئسا، ٽماٽا 3 رپيا 7 پئسا في ڪلو سستا ٿيا. جڏهن ته آنن جي في ڊزن قميت ۾ 10 رپيا 21 پئسا گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.
شماريات کاتي موجب هلندڙ هفتي دوران 17 عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔