اليڪشن ڪميشن کي پنجاب ۾ اليڪشن جي تاريخ جي اعلان جو حڪم

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب اسيمبلي جي چونڊن جي تاريخ نه ڏيڻ خلاف درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
عدالت اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جو اعلان ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت مختصر فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جو اعلان ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
جسٽس جواد حسن پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته عدالت تحريڪ انصاف جي درخواست منظور ڪري ٿي، اليڪشن ڪميشن آئين ۾ ڏنل مدي اندر چونڊن جو اعلان ڪري.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جواد حسن تحريڪ انصاف ۽ شهري منير احمد جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي ۽ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته چونڊن جي تاريخ ڏيڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم ناهي، اليڪشن ڪميشن کي فنڊ فراهم ڪرڻ تائين اليڪشن ڪرائڻ ممڪن ناهي، مڪمل صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊ لاءِ وفاقي حڪومت جو تعاون ضروري آهي، خاص حالتن ۾، قانون چونڊون ملتوي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو.
اليڪشن ڪميشن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون چونڊون هڪ ئي ڏينهن نه ٿيون ته چونڊن جي شفافيت متاثر ٿي سگهي ٿي.
ان موقعي تي پنجاب جي گورنر جي وڪيل ايڊووڪيٽ شهزاد شوڪت موقف اختيار ڪيو ته گورنر پنجاب اسيمبلي نه ٽوڙيو ان ڪري نئين چونڊن جي تاريخ ڏيڻ سندس ذميواري ناهي. گورنر جي وڪيل استدعا ڪئي ته درخواست ناقابل سماعت قرار ڏيندي رد ڪئي وڃي.
ان دوران تحريڪ انصاف جي وڪيل بئريسٽر علي ظفر موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن گورنر چونڊن جي تاريخ نه ٿو ڏئي ته صدر تاريخ مقرر ڪري سگهي ٿو.
ٻڌڻي جي شروعات تي آءِ جي پنجاب ۽ چيف سيڪريٽري عدالت کي يقين ڏياريو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي مڪمل عمل ڪيو ويندو. اهي دليل ٻڌڻ بعد عدالت فيصلو محفوظ ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔