سي ٽي ڊي پنجاب جون مختلف ضلعن ۾ ڪارروايون، پابندي مڙهيل تنظيمن جا 9 دهشتگرد گرفتار

لاهور: ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ(سي ٽي ڊي) پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪندي پابندي مڙهيل تنظمين سان تعلق رکندڙ 9 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.
سي ٽي ڊي پنجاب جي ترجمان موجب گرفتار دهشتگردن ۾ عفان، ڪاشف، جواد سعيد، ثاقب الياس، سبز علي، دائود شاهه ۽ احمد جان شامل آهن. دهشتگردن خلاف 10 ڪيس داخل ٿيل آهن جن جي جاچ جاري آهي. سي ٽي ڊي ترجمان موجب ڪارروائي دوران خودڪش جيڪٽ، ڌماڪيدار مواد، دستي بم، ڊينونيٽر، هٿيار، ريموٽ ڪنٽرول ڊيوائس ۽ حاس مواد تي ٻڌل ڪتاب هٿ ڪيا ويا آهن.
ترجمان موجب دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي ۽ داعش جي مختلف گروپن سان آهي. دهشتگردن جي سڃاڻپ 26 شڪي ماڻهن سان جاچ دوران ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔