نسله ٽاور ڪيس ۾ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اڳوڻي ڊي جي سميت 4 جوابدار اشتهاري قرار

ڪراچي جي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ نسله ٽاور ڪيس ۾ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اڳوڻي ڊي جي منظور قادر ڪاڪا سميت 4 جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو

 اشتهاري قرار ڏنل ٻين جوابدارن ۾ خير محمد، اسلام احمد ۽ عرفان قريشي شامل آهن

ڪيس جي جاچ آفيسر رپورٽ جمع ڪرائيندي چيو ته منظور قادر ڪاڪا جي نالي تي ڪا به ملڪيت نه آهي، منظور قادر ۽ ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جون ڪوششون ڪامياب نه ٿي سگهيون

 منظور قادر ڪاڪا تي نسله ٽاور جو 262 اسڪوائر گز پلاٽ غير قانوني طور الاٽ ڪرڻ جو الزام آهي

 سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، منظور قادر ڪاڪا خلاف 2021 ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔