ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي سبب فوت ٿيلن جوانگ 28 هزار کان وڌي ويو

ڪراچي: ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 28 هزار کان وڌي ويو آهي، امدادي ٽيمن جو چوڻ آهي ته ملبي اندر اڃا به هزارين ماڻهو دٻيل هئڻ جو خدشو آهي، فوتين جو انگ وڏي پيماني تي وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيوويو آهي

ريسڪيو آپريشن ۾ رڌل ٽيمن جو چوڻ آهي ته ملبي مان زنده حالت ۾ وڌيڪ ماڻهن کي ڪڍڻ جي اميد گهٽجندي پئي وڃي، شام ۾ زلزلي سٽيلن جي لاءِ عالمي امداد گهٽ پهچڻ جون دانهون ڪيون ويون

گڏيل قومن جي اداري جو چوڻ آهي ته شام ۾ هيل تائين 2 امدادي قافلا پهتا آهن، عالمي اداري جو چوڻ آهي ته شام جي مدد لاءِ سمورين ڌرين کي سياست کي هڪ پاسي رکڻ گهرجي

ترڪيه ۾ زلزلي سبب فوت ٿيلن جو انگ 24 هزار 617 ٿي ويو، شام ۾ 3 هزار 574 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق، صحت واري عالمي اداري جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ زلزلي سبب 2 ڪروڙ 60 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن

جڏهن ته ترڪيه ۾ زلزلي جي 128 ڪلاڪن کانپوءِ ملبي مان زنده حالت ۾ ٻاهر ڪڍيل ٻار جي کلڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي، ترڪيه جي زلزلي سٽيل صوبي هاتَي مان ملبي جي کوٽائي دوران زنده دل ٻارڙو هٿ آيو

چئن ڏينهن کان بک ۽ اڃ برداشت ڪندڙ ٻارڙي ٻاهر نڪرڻ شرط هڪ رضاڪار جي آڱر چوسڻ شروع ڪئي، کاڌ خوراڪ فراهم ٿيڻ بعد ٻارڙو ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو، امدادي ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته معصوم ٻار جا ٽهڪ اهو پيغام ڏئي رهيا آهن ته مصيبتن ۾ ڪڏهن به گهٻرائڻ نه گهرجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔