اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٽيريان ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ لارجر بينچ جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو

راولپنڊي:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي مبينه ڌيءَ ٽيريان جيڊ ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ لارجر بينچ جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
مبينه ڌيءَ ٽيريان کي ظاهر نه ڪرڻ تي عمران خان جي نااهلي جي درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ڪئي. چيف جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏنا آهن ته عمران خان کي اعتراض آهي ته هو هاڻ پبلڪ آفيس هولڊر ناهي. اليڪشن ڪميشن کان ڪنفرم ڪرڻو آهي ته هينئر جي پوزيشن ڪهڙي آهي. اليڪشن ڪميشن کان ڊي نوٽيفاءِ ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن گهرائي ٿا وٺون.
چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته درخواستگذار عمران خان جو 2018 وارو حلفي بيان چيلنج ڪيو هو. جنهن کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٽيريان جيڊ ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ لارجر بينچ جوڙڻ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔