پنجاب ۾ چونڊن وارو مامرو، گورنر اليڪشن ڪميشن ۽ اسپيڪر خط لکي ڇڏيو

لاهور: پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان صوبي ۾ چونڊن واري معاملي تي اليڪشن ڪميشن، پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻي پارلياماني ليڊر عثمان بوزدار کي خط لکي ڇڏيو آهي.
گورنر پنجاب پنهنجي خط ۾ چونڊن جي ڪائي تاريخ ناهي ڏني، خط ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ جي موجودا سيڪيورٽي ۽ اقتصادي صورتحال کي ڌيان ۾ رکيو ويندو.
گورنر پنجاب جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن موجودا صورتحال کي ڏسندي اليڪشن جي تاريخ مقرر ڪرڻ کان اڳ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ڪري، اليڪشن ڪميشن کي شفاف ۽ منصفاڻي طريقي سان حالتن جو جائزو وٺي اڳتي وڌڻ گهرجي.
خط ۾ گورنر طرفان اسيمبلي ٽوڙڻ جي آئيني شق جو حوالو پڻ ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گورنر اسيمبلي ٽوڙي ته آرٽيڪل 105 جي شق 3 تحت تاريخ ڏيڻ جو پابند آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔