وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي ۾ 1100 ميگاواٽ بجلي منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو

ڪراچي: وزيراعظم شهباز شريف 1100 ميگاواٽ بجلي منصوبي ڪي ٿري جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
وزيراعظم شهباز شريف ڪينپ ۾ 1100 ميگاواٽ جي نيو ڪليئر توانائي منصوبي ڪي ٿري جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، توانائي وارو وزير خرم دستگير خان ۽ وفاقي وزير منصوبه بندي احسن اقبال به موجود هئا

نيو ڪليئر پاور پلانٽ ڪي ٿري جي افتتاح سان بجلي جي پروڊڪشن 2200 ميگاواٽ تائين پهچي ويندي. ڪي ٿري بجلي گهر منصوبي سان سستي بجلي ٺاهي پئي وڃي. ڪينپ ٿري سان 12 روپيه في يونٽ جي حساب سان بجلي ٺاهي پئي وڃي.
تقريب دوران بريفنگ ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي ٻڌايو ويو ته ڪي 3 منصوبو چين جي تعاون سان مڪمل ڪيو ويو اهي ان سان 1100 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي. منصوبي جي شروعات سان ايٽمي ذريعن کان بجلي جي پيداوار 2200 ميگاواٽ ٿي ويندي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف منصوبي سان جڙيل ماهرن جي خدمت جي تعريف پڻ ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔