اسلام آباد پوليس فواد چوڌري جو جسماني رمانڊ رد ڪرڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪري ڇڏيو

ڪراچي: اليڪشن ڪميشن کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي. اسلام آباد پوليس فواد چوڌري جو جسماني ريمانڊ رد ٿيڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪري ڇڏيو.
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. پوليس فيصلي خلاف سيشن جج سامهون اپيل داخل ڪندي استدعا ڪئي ته جوڊيشل مئجسٽريٽ وقاص احمد راجا جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي فواد چوڌري جو وڌيڪ جسماني ريمانڊ ڏنو وڃي.
پراسيڪيوٽر چيو ته اسان فوٽو گرائيمنٽري ٽيسٽ ۽ ريڪوريز ڪندا آهيون. عملي طور تي اسان کي هڪ ڏينهن جو رمانڊ مليو هو جاچ مڪمل ناهي ٿي سگهي. ياد رهي ته جوڊيشل مئجسٽريٽ فواد چوڌري جي جسماني ريمانڊ جي استدعا رد ڪندي کيس جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔