مهانگائيءَ تي ضابطو نه آيو، 25 شين جا اگهه چڙهي ويا

اسلام آباد: ڳڻپ کاتي هفتيوار مهانگائي جي حوالي سان انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.
ڳڻپ کاتي موجب هڪ هفتي ۾ 25 عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ، 6 شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ۽ 20 شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو.
ڳڻپ کاتي ٻڌايو آهي ته في ڪلو بصر جي قيمت ۾ 13 رپين کان وڌيڪ ۽ ايل پي جي گهريلو سئلينڊر جي قيمت ۾ 136 رپين تائين واڌ ٿي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته چانورن جي في ڪلو قيمت 5 رپين کان وڌيڪ، ٽماٽو في ڪلو 2 رپيا 18 پئسا مهانگو ٿيو آهي.
ڳڻپ کاتي موجب 20 ڪلو اٽو 33 رپيا، ماش جي دال 3 رپيا ۽ مڱن جي دال 4 رپيا في ڪلو مهانگي ٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔