ملڪ جي مٿانهن ۽ اولهندي علائقن ۾ سڀاڻي کان سومر تائين برسات جي اڳڪٿي، الرٽ جاري

موسميات کاتي طرفان ملڪ جي مٿانهن ۽ اولهندي علائقن ۾ سڀاڻي کان سومر تائين برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي

جاري ڪيل الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته سڀاڻي ڪي پي ۽ گلگت بلتستان سوڌو ٻين علائقن ۾ برسات ٿيندي، 29 جنوري تي سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ وسڪارو ٿيندو

سکر ڊويزن جي مختلف علائقن ۾ آچر تي برسات جا امڪان، ڪوئيٽا، قلعه سيف الله، پشين، پنجگور، تربت، خضدار، قلت ۽ مڪران ۾ وسڪاري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي

سياحن کي برسات دوران احتياط ڪرڻ ۽ لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔