ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جو عمران خان کي معيشت بابت مناظري جو چيلنج

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار عمران خان کي معيشت بابت مناظري جو چيلنج ڪري ڇڏيو

اسحاق ڊار چيو ته عمران صاحب! جڏهن توهان کي خبر پئي ته توهان جو اقتدار وڃڻ وارو آهي، توهان پاڪستان جي معيشت لاءِ بارودي سرنگهون وڇايون، پي ٽي آءِ حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪري ڦِري وئي

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرس ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته عمران خان جون سموريون ڳالهيون ڪوڙ تي ٻڌل آهن، عمران خان صاحب! توهان جي ڪيل تباهي کي اسان ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اسان ترقي جي شرح 6 ڏهائي 10 سيڪڙو تي ڇڏي هئي

عمران خان ڪوڙ ڳالهائڻ جو عادي آهي، معاشي بدحالي جا ذميوار اسان نه پر عمران خان آهي، اسان وٽ ٻه رستا هئا سياست بچايون يا رياست، اسان سياست تي رياست کي ترجيح ڏني، ملڪ ۾ مهانگائي جي طوفان جو سبب عمران خان آهي، توهان ملڪ لاءِ ڪهڙو بهتر ڪم ڪيو؟ عمران خان چئن سالن ۾ معيشت تباهه ڪئي، سيڙپڪارن جي عالمي ڪانفرنس ۾ عمران خان پاڪستان کي بدنام ڪيو

خان صاحب! انگ اکر چيڪ ڪريو ملڪ کي گمراهه نه ڪريو، عمران خان چوندو هو پاڪستان ۾ هر شخص ڪرپٽ آهي، ڪرپٽ ملڪ ۾ ڪير سيڙپڪاري ڪندو؟، آءِ ايم ايف جو معاهدو اسان نه توهان ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔