4ماڻهو مونکي قتل ڪرائڻ پيا چاهين، انهن ۾ آصف زرداري به شامل آهي: عمران خان

لاهور: پي ٽي آءِ سربراهه طرفان اڳوڻي صدر آصف زرداري تي قتل جي سازش ۾ ملوث هجڻ جا الزام لڳايا ويا آهن

عمران خان چيو آهي ته آصف زرداري مونکي قتل ڪرائڻ لاءِ دهشتگرد تنظيم کي پئسا ڏنا، طاقتور ماڻهو اِن منصوبي ۾ سهولتڪار بڻيل آهن، پلان اَي ۽ بِي ذري گهٽ ڪامياب ٿي ويا هئا، پر مون کي الله بچايو، هاڻي وري قتل جو پلان سي جوڙيو ويو آهي، اُن پويان آصف زرداري آهي

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته سنڌ سرڪار جو لُٽيل پئسو مون خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي، مون کي جيڪي 4 ماڻهو قتل ڪرائڻ گهرن ٿا، اُنهن ۾ آصف زرداري به شامل آهي، مون انهن جا نالا لکيا آهن ته جيئن قوم کي خبر پوي، هنن جو پلان آهي ته مونکي رستي تان هٽايو وڃي

رجيم چينج جي غلطي ٺيڪ ڪرڻ بدران ملڪ کي ڌُٻڻ ۾ ڌڪي رهيا آهن، غلطي ٺيڪ ڪرڻ جو طريقو نيون چونڊون آهن، پر پي ٽي آءِ جي ڪاميابي جي خوف ۾ چونڊون نه ڪرايون ويون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔