دنيا جي سڀ کان وڏي پيزا جي دعوت، 3 هزار کان وڌيڪ ماڻهو شريڪ

اوڪلاهوما: آمريڪا ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي پيزا پارٽي منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ حيرت انگيز طور تي 3 هزار ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ 1000 پيزا پيش ڪيا ويا، اها تقريب اوڪلاهوما يونيورسٽي جي هال ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ 3 هزار کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اينڊوليني پيزا ڪمپني جي مالڪ مائڪ بوش ٻڌايو ته اهو ان رڪارڊ کي ٽوڙڻ لاءِ گذريل 8 مهينن کان جدوجهد ڪري رهيو هو جنهن جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي. اهڙي طرح شريڪ ٿيندڙن جو وڏو انگ اچي ويو ۽ تمام جلد ئي 1000 کان وڌيڪ پيزا تيار ڪيا ويا. شام جو شروع ٿيندڙ دعوت ۾ شرط اها هئي ته هر فرد پيزا جو 2 سلائس کائي ۽ پاڻي جي ننڍي بوتل ختم ڪري پر اهڙو عمل 15 منٽن ۾ انجام ڏيڻو هو.  جيڪڏهن 15 منٽن کان وقت مٿي ٿي وڃي ته ان جو کاڌو نه ڳڻيو ويندو ۽ مقابلي مان خارج سمجهيو ويندو. اهڙي طرح ڪل 3357 ماڻهن مقرر وقت ۾ پيزا جا 2 ٽڪرا کاڌا ۽ پاڻي جي ننڍي بوتل ختم ڪئي. سمورن ماڻهن ٽڪيٽ وٺي ان تقريب ۾ شرڪت ڪئي. اهڙي طرح ٽوٽل 40 هزار ڊالر عطيو جمع ٿيو جيڪو بيمار ٻارن جي علاج تي خرچ ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔