اميد ته آءِ ايم ايف سان هلندڙ مهيني معاهدو ٿي ويندو: وزير اعظم

اسلام آباد: وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته اميد آهي ته آءِ ايم ايف سان هلندڙ مهيني معاهدو ٿي ويندو، ڏکيائين مان نڪري اينداسين

اسلام آباد ۾ گرين لائين ٽرين سروس جي افتتاح کانپوءِ تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته اسان کي ڏکين حالتن ۾ حڪومت ملي، اسان جي اتحادي حڪومت ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍي وٺندي

هن چيو ته اسان ڪيستائين ٻين جي سهاري تي هلنداسين؟ چين سان اسان جا لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن، اڳوڻي حڪومت جي چئن سالن ۾ چين سان لاڳاپا تباهه ٿي چڪا هئا، ملڪ جي هڪ هڪ پائي بچائي رهيا آهيون

 ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته گذريل چئن سالن جي حڪومتي دور ۾ معيشت تباهه ٿي، هاڻوڪي مهانگائي جي ذميوار تحريڪ انصاف جي اڳوڻي حڪومت آهي، معيشت کي جلد پنهنجن پيرن تي بيهارينداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔