ڪراچي ۾ عورتن لاءِ مخصوص بس سروس آڻڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي اهم اعلان ڪري ڇڏيو آهي، عورتن لاءِ مخصوص گلابي پيپلز بس هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس دوران پنڪ(گلابي) پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو، هن سروس سان ملازمت سان سلهاڙيل عورتن کي فائدو ٿيندو

شرجيل انعام ميمڻ موجب گلابي پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو مقصد خاص طور تي نوڪري ڪندڙ عورتن کي سفري سهولت ڏيڻ لاءِ آهي

پهرين فيبروري کان گلابي پيپلز  بس سروس جو آغاز ڪيو ويندو، گلابي پيپلز بس سروس ماڊل ڪالوني، شاهراهه فيصل، ٽاور جي روٽس تي هلائي ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔