وزيراعظم سان زرداري ۽ محسن نقوي جون ملاقاتون

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن رضا نقوي جي الڳ الڳ ملاقات، تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ملاقات ۾ ناڻي جو وفاقي وزير اسحاق ڊار، اقتصادي مامرن جو  وفاقي وزير سردار اياز صادق، ريلوي جو وفاقي وزير خواجا سعد رفيق ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا به موجود هئا، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف سان پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن رضا نقوي به ملاقات ڪئي ، وزيراعظم شهباز شريف سيد محسن رضا نقوي کي پنجاب جي نگران وڏو وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني ۽  نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، وزيراعظم نگران وڏي وزير محسن نقوي سان مخاطب ٿيندي چيو ته اميد آهي ته توهان پنهنجي ذميواري آئين جي مطابق احسن طريقي سان سرانجام ڏيندا ۽ چونڊن جي عمل کي غير جانبدارانه ۽ شفاف بنائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔