”مون کي ڪاٽا ڪندڙن محسن نقوي کي آندو، مقرري خلاف سڀاڻي کان احتجاج ڪنداسين

لاهور: تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جي مقرري خلاف احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو.

زمان پارڪ مان وڊيو لنڪ تي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته جمهوريت جو بنياد اخلاقيات تي رکيو ويندو آهي، جمهوريت وٽ اخلاقي معيار هوندا آهن، اسان وٽ جمهوريت جو معيار ايترو ڪِريل آهي جو ڪنهن کي اعتماد ئي ناهي ته حڪومت شفاف چونڊون ڪرائي سگهي ٿي.

هن چيو ته نگران حڪومت جو بنيادي سبب ان جو اڻ ڌريو هجڻ آهي، اسان ناصر کوسا جو نالو چونڊيو، سوچيو ته اهو نالو انهن کي به پسند ايندو، احمد سکيرا هن وقت ڪابينا سيڪريٽري آهي، اسان سوچيو ان تي به ڪو اعتراض نه هوندو، انهن اسان جا نالا رد ڪري ڇڏيا، ڪي پي ۾ جمعيت علماءِ اسلام اعظم خان جو نالو ڏنو، انهن صحيح نالو ڏنو ته اسان تسليم ڪيو.

سندس چوڻ هو ته مان ايڏي بدديانت اليڪشن ڪميشن پنهنجي حياتي ۾ ناهي ڏٺي، ان اليڪشن ڪميشن جو هر فيصلو اسان جي خلاف ايندو آهي، هن حڪومت توشا خانا ۾ منهنجا سمورا تفصيل ڏنا، هاڻ عدالت رڪارڊ گهري ٿي ته چون ٿا سيڪريٽ آهي، نواز شريف ۽ آصف زرداري توشا خانا مان گاڏيون چوري ڪيون.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جنهن اسان جي حڪومت ڪيرائڻ جي سڀ کان وڌيڪ ڪوشش ڪئي ان جو نالو محسن نقوي هو، انٽيليجنس بيورو محسن نقوي جي سرگرمين بابت رپورٽ ڏني هئي، جنهن کي زرداري پٽ بڻايو آهي ان جي ساک ڪهڙي هوندي؟ محسن نقوي ۾ نه اخلاقي معيار آهي نه غير جانبداري، ان جي پويان اهي نالا آهن، جن منهنجو نالو ڪاٽا ڪيو.

عمران خان موجب مجيب الرحمان کي ڪاٽا ڪيو ويو ته ملڪ ٽٽي ويو، پ پ کي ڪاٽا ڪيو ويو ته ايم ڪيو ايم ٺهي وئي، نواب اڪبر بگٽي کي ڪاٽا ڪيو ويو ته بلوچستان جون حالتون اڃا تائين ٺيڪ نه  ٿيون، سياستدانن تي ڪاٽا لڳي ته ملڪ کي نقصان ٿيندو آهي.

تحريڪ انصاف چيئرمين اعلان ڪيو ته محسن نقوي جي مقرري ۽ چونڊن جي تاريخ لاءِ عدالت وينداسين، قوم کي چورن خلاف احتجاج لاءِ نڪرڻ گهرجي، سڀاڻي کان احتجاج شروع ڪري رهيو آهيان، سڀاڻي لاهور ۾ احتجاج ڪنداسين، اربع تي پنڊي ۾ احتجاج ٿيندو، پوءِ فيصل آباد ۽ ملتان ۾ احتجاج ڪنداسين، ملڪ جي مختلف شهرن ۾ روز احتجاج ٿيندو، اسان محسن نقوي کي صفا تسليم نه ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔