اوگرا ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي کوٽ وارين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي کوٽ وارين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
اوگرا جي ترجمان موجب سموري ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جو وڏو ذخيرو موجود آهي. ترجمان موجب ملڪ ۾18 ۽ 37 ڏينهن جي گهرج کي پورو ڪرڻ لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جا ذخيرا موجود آهن.
عمران غزنوي موجب پيٽرول جا هڪ لک هڪ هزار ميٽرڪ ٽان بحري جهاز برٿ تي آهن ۽ مقامي ريفائنريز به پيٽروليم شين جي طلب کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔