موجوده فوجي قيادت ۽ عمران خان ۾ ڪو ڊائلاگ نه پيو ڪرايان: صدر عارف علوي

اسلام آباد: صدر عارف علوي موجوده فوجي قيادت ۽ عمران خان وچ ۾ ڊائلاگ جي اهتمام جي ترديد ڪري ڇڏي.

پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ صدر عارف علوي چيو حڪومتي اتحاد ۽ پي ٽي آءِ کي گڏجي ويهڻ جي آڇ ڪندي چيو ته گهٽ ۾ گهٽ سياسي جماعتون ئي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪن.

هن چيو ته موجوده اتحادي حڪومت پي ٽي آءِ سان ڳالهه ٻولهه کان لنوائي رهي آهي، پي ٽي آءِ ۽ حڪومتي اتحاد ۾ هڪ مهيني دوران ڪو رابطو ناهي ٿيو، سياسي ميدان ۾ اڄ هر ڪو پلاند ئي وٺي رهيو آهي، ملڪ جو سياسي پارو گهٽ ڪرڻ اڻٽر آهي.

سندس موجب عمران خان موجوده آرمي چيف جي نالي تي اطمينان جو اظهار ڪيو هو، موجوده فوجي قيادت ۽ عمران خان وچ ۾ ڪو ڊائلاگ نه پيو ڪرايان پر عمران خان ۽ موجوده حڪومت ۾ ڳالهين جو حامي آهيان، حڪومت ڳالهين جي حامي ته ڀري پر نتيجو نه ڏيکاريو.

صدر اڳوڻي آرمي چيف ۽ عمران خان ۾ اختلافن جو وڏو سبب سوشل ميڊيا کي قرار ڏيندي چيو ته سوشل ميڊيا کي انهن معاملن ۾ ضرورت کان وڌيڪ اهميت ڏيون ته خرابي پيدا ٿيندي آهي، پاڪستان ۾ يوٽيوب ٻن سالن تائين بند رهيو، راءِ ٺاهيندڙ ان کي سنڀالي نه سگ هيا، ملڪ ۾ فيصلو ڪندڙ سوشل ميڊيا کي صحيح طريقي سان هينڊل نه پيا ڪري سگهن، منهنجي خيال ۾ انهن کي سوشل ميڊيا کي بهتر انداز ۾ هينڊل ڪرڻ گهرجي.

عام چونڊن بابت سوالن تي عارف علوي چيو ته هي چونڊن جو سال آهي، چونڊون ٿيڻ گهرجن، سياسي جماعتون پاڻ ۾ طئي ڪن ته چونڊون تڪڙي يا دير سان ٿين، چونڊن تي معاملي تي ڳالهايو وڃي ته جيئن معيشت ۽ ماڻهن جي ڀلائي جو ڪم ٿي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔