ڪراچي : پاڪستان رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جو قدر وڌڻ جو سلسلو جاري آهي.
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو قدر 228 رپيا 14 پئسا رهيو، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو قدر 21 پئسا وڌيو آهي، گذريل ڏينهن ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو قدر 227 رپيا 93 پئسا هو.
ان کانسواءِ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو قدر 50 پئسا وڌڻ کانپوءِ 238 رپيا 50 پئسا ٿي ويو آهي.