وڏين وڏين اکين واري عجيب مڇي، وڊيو وائرل

هونءَ ته توهان رنگ برنگي وڏيون ۽ ننڍيون مڇيون ضرور ڏٺيون هونديون پر هڪ اهڙي عجيب مڇي ڏيکاريون ٿا جيڪا توهان کي حيران ڪري ڇڏيندي.

اها مڇي مشهور روسي مهاڻي فيدورتسو پڪڙي هئي جنهن جي وڊيو هن پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي به شيئر ڪئي آهي.

هن مڇي کي ناروي جي کليل سمنڊ ۾ سفر دوران مڇي مارڻ وارن پڪڙيو، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هن مڇيءَ جون اکيون ٻاهران نڪري رهيون آهن ۽ ان جون اکيون ڪافي وڏيون آهن.

مڇيءَ جي وڊيو تي واهپيدارن طرفان مختلف تبصرا ملي رهيا آهن، ڪجهه ان کي خوفناڪ قرار ڏنو ۽ ڪجهه هن مڇي جي اکين ۽ وات تي تبصرو ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔