اداڪارا مهوش حيات خلاف سوشل ميڊيا تان مواد هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ اداڪارا مهوش حيات خلاف سوشل ميڊيا تان سمورو مواد هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سوشل ميڊيا مهم خلاف اداڪارا مهوش حيات جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت اداڪارا خلاف سوشل ميڊيا تي موجود مواد هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت وفاقي حڪومت، پي ٽي اي ۽ ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪندي ڌرين کي 2 هفتن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ياد رهي ته فلم اسٽار مهوش حيات يوٽيوب خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجي وڪيل خواجا نويد ذريعي درخواست داخل ڪئي هئي.

درخواست ۾ اداڪارا موقف اختيار ڪيو ته سوشل ميڊيا تي سندس خلاف بي بنياد مواد پکڙجي رهيو آهي، ان مواد سبب سندس ساک، عزت ۽ وقار کي نقصان پهتو آهي، عدالت کي درخواست آهي ته يوٽيوب ۽ ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تان مواد هٽائڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔