گڏيل عرب امارتن پاران پاڪستان جو ٻه ارب ڊالر قرض رول اوور ڪرڻ، وڌيڪ هڪ ارب ڊالر ڏيڻ جو اعلان

ابو ظهبي : گڏيل عرب امارتن جي صدر پاڪستان جي ٻه ارب ڊالر قرض کي رول اوور ڪرڻ ۽ هڪ ارب ڊالر واڌو قرض ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

وزيراعظم شهباز شريف سان ابو ظهبي ۾ گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته ان موقعي تي گڏيل عرب امارتن جي صدر ٻه ارب ڊالرن جي قرض کي رول اوور ڪرڻ ۽ هڪ ارب ڊالر واڌو قرض ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

شيخ محمد بن زايد النهيان وزيراعظم شهباز شريف جي ابو ظهبي ۾ آجيان ڪئي ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي خواهش جو اظهار ڪيو.

اماراتي صدر ٻنهي ملڪن ۾ تاريخي لاڳاپن ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ به پاڪستاني برادري جي خدمتن جي تعريف ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔