پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي ۽ سندس ڪابينا کي هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ۽ صوبائي ڪابينا کي هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ جسٽس عابد عزيز شيخ جي سربراهي ۾ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي جي شروعات ۾ بئريسٽر علي ظفر پنهنجا دليل جاري رکندي چيو ته اسان اعتماد جو ووٽ وٺي ڇڏيو آهي، اسان سياسي بحران ختم ڪري ڇڏيو آهي.

جسٽس عابد عزيز پڇاڻو ڪيو ته ڪيترن ميمبرن ووٽ ڪيو؟ علي ظفر ٻڌايو ته 186 ميمبرن وڏي وزير کي ووٽ ڏنو.

ان موقعي تي پنجاب اسيمبلي اسپيڪر جي وڪيل حيدر رسول نوٽيفڪيشن جي ڪاپي پيش ڪئي.

گورنر بليغ الرحمان جي وڪيل خالد اسحاق پنهنجي دليلن ۾ چيو ته گورنر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هن ڪنفرم ڪيو آهي ته وڏي وزير اعتماد جو ووٽ وٺي ڇڏيو آهي، گورنر وڏي وزير کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو آهي.

چيف جسٽس چيو ته گورنر جيڪڏهن نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو آهي ته پوءِ معاملو ئي ختم ٿي ويو، توهان پنهنجي اسيمبلي ۾ معاملو حل ڪري ڇڏيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته اهڙن معاملن ۾ عدالتن جي مداخلت گهٽ کان گهٽ ٿيڻ گهرجي، هاڻ سڀ ڪجهه آئين موجب ٿي ويو آهي.

نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جي بيان تي عدالت پرويز الاهي کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جي درخواست اڪلائي ڇڏي.

عدالت چيف سيڪريٽري جو نوٽيفڪيشن به ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته پرويز الاهي ۽ سندس ڪابينا کي به هٽائڻ جو نوٽيفڪيش ڪالعدم قرار ڏنو ويو.

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته 12 جنوري تي وڏي وزير اعتماد جو ووٽ ورتو آهي، نتيجو گورنر مڃي ورتو آهي.

واضح رهي ته پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو، هن 186 ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته اپوزيشن جماعتن ووٽنگ جي عمل جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ ميمبر ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔