بالي ووڊ جي ايندڙ فلم ”پٺان“ جو ٽريلر جاري

سمورن تڪرارن کانپوءِ به بالي ووڊ جي ايندڙ فلم ”پٺان“ جو ٽريلر جاري ٿي ويو، جنهن ڪجهه ڪلاڪن ۾ مختلف اعزاز پنهنجي نالي ڪيا.

مختصر ڪاسٽ جي ٽريلر ۾ فلم جي مرڪزي ڪردارن شاهه رخ خان، دپيڪا پڊوڪون ۽ جان ابراهيم کي ڏيکاريو ويو آهي.

ٽريلر ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته فلم جي ڪهاڻي ڀارت ۾ دهشتگردي پکيڙڻ واري ڪجهه عنصرن تي آهي ۽ انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ رياستي ايجنسين جي ڪردار جي چوڌاري آهي.

ٽريلر ۾ جان ابراهيم کي منفي ڪردار ۾ ڏيکاريو ويو آهي جيڪو ڀارت ۾ دهشتگردي پکيڙن جي منصوبي تي ڪم ڪندو آهي.

ان ٽريلر مان اندازو نٿو لڳائي سگهجي ته منفي ڪردار ادا ڪندڙ جان ابراهيم ڪهڙي مذهب سان تعلق ٿو رکي. جڏهن ته شاهه رخ خان ۽ دپيڪا پڊوڪون ڀارت جي سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن جي ڪردار ۾ نظر اچي رهيا آهن.

ايڪشن فلم مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته فلم جي ڪهاڻي وطن سان محبت ۽ وطن جي خلاف اڀرندڙ عنصرن کي ختم ڪرڻ جي چوڌاري گهمي ٿي.

رپورٽ موجب ٽريلر کي 10 جنوري تي ريليز ڪيو ويو ۽ رڳو 6 ڪلاڪن جي دوران يوٽيوب چينل تي 40 لک ڀيرا ڏٺو ويو ۽ ڀار ۾ ٽوئيٽر تي ٽاپ ٽرينڊ به رهيو.

ماڻهن ”پٺان“ جي ٽريلر جون ڪلپس ۽ تصويرون شيئر ڪندي مخالفت ڪئي جڏهن ته هزارين ماڻهن فلم جي تعريف به ڪئي  ۽ شاهه جي هن وقت تائين جي بهترين فلم قرار ڏنو. فلم کي 25 جنوري تي هندي کانسواءِ سمورين مقامي ٻولين ۾ ريليز ڪيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔