آن لائين ڊجيٽل پليٽ فارمز تان قرض وٺندڙن لاءِ خوشخبري

سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) نان بينڪنگ فنانس ڊجيٽل ڪمپنيز جي قانون ۾ ترميم ڪري ڇڏي.

رپورٽ موجب ڪمپني قرض وٺندڙن کي پهريون رقم ڏيڻ وقت چارجز يا في پهريون ئي ڪٽيندا. ڊجيٽل ڪمپنين کي قرض جي قسط سان پراسيسنگ في يا چارجز ڪٽڻ کان روڪي ڇڏيو.

ڊجيٽل ڪمپني تي سوشل ميڊيا فارمز تي هڪ کان وڌيڪ ايپز ٺاهڻ تي به پابندي هنئي وئي آهي.

رپورٽ موجب ايس اي سي پي هدايت ڪئي آهي ته ڊجيٽل آن لائين ڪمپنيون سوشل ميڊيا تي هڪ ماسٽر ايپ لائونچ ڪن، ماسٽر آن لائين ايپ تحت ڊجيٽل ڪمپنيون مختلف پراڊڪٽس يا اسڪيمز لائنچ ڪري سگهن ٿيون.

واهپيدارن جي ڊيٽا جي سيڪيورٽي لاءِ آءِ ٽي سيڪيورٽي آڊٽ فرم کان ايپس جو آڊٽ ڪرائڻ لازمي قرار ڏنو ويو.

نان بينڪنگ ڊجيٽل فائنانس ڪمپينين تي قرض وٺندڙ جي اجازت کانسواءِ معاهدي جون شرطون تبديل ڪرڻ تي به پابندي هنئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔