سنڌ جي ساڃاهه وندن ڊجيٽل آدمشماري تي سوال اٿاري ڇڏيا

ڪراچي: سنڌ جي ساڃاهه وندن ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ٿيندڙ ڊجيٽل آدمشماري ۽ گهرشماري تي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا

اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري فضل الله قريشي چيو آهي ته سنڌ سرڪار اڃا تائين صوبي جو سينسس ڪمشنر ڇو مقرر نه ڪيو آهي، سنڌ جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ لاءِ سينسس ڪمشنر جي مقرري ضروري آهي
ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي فضل الله قريشي چيو ته گذريل آدمشماري جيان هيل به سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنرز کي آدمشماري واري عمل ۾ ڀرپور نمائندگي ملڻ گهرجي
ناليواري آئيني ماهر شهاب اوستو چيو ته ڊجيٽل آدمشماري ۾ قومي سڃاڻپ ڪارڊ وارو شرط ختم ڪرڻ ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آهي، غير قانوني پرڏيهين کي به ڳڻپ ۾ شامل ڪرڻ سان سنڌين جي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو آهي
هن چيو ته سنڌ ۾ اهڙي ڊيموگرافڪ تبديلي آئي ته سنڌي ماڻهو پنهنجي صوبي اندر حڪمراني وارو حق به وڃائي ويهندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔