شوٽنگ دوران انڊين پروڊيوسر جنسي هراسان ڪيو: اداڪارا مهرين شاهه

پاڪستاني اداڪارا سيده مهرين شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته فلم جي شوٽنگ جي دوران انڊين پروڊيوسر کيس جنسي هراسان ڪيو.

رپورٽ موجب اداڪارا پنهنجي وڊيو پيغام ۾ پاڪستاني ڊائريڪٽر احسان زيدي جي ذريعي آذربائيجان جي شهر باڪو ۾ فلم جي شوٽنگ لاءِ آئي ۽ اتي فلم جي انڊين پروڊيوسر راج گپتا هن کي مختلف موقعن تي هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

مهرين شاهه وڌيڪ چيو ته انڊين پروڊيوسرجي نازيبا حرڪتن تي پاڪستاني ڊائريڪٽر احسان زيدي مڪمل خاموش هو ۽ کيس روڪڻ جي ڪوشش به نه ڪئي.

اداڪارا جو چوڻ هو ته سندس سڌي انڪار تي هن سان مختلف ورتاءُ ڪيو پيو وڃي، جڏهن بيمار هئي ته اسپتال به نه موڪليو ۽ آخري ڏينهن جي شوٽ تي کيس کاڌو به نه ڏنو.

مهرين شاهه چيو ته رات جو طوائفن کي هوٽل ۾ گهرايو ويندو هو جنهن ۾ انڊين پروڊيوسر ملوث هوندو هو. ان جي شڪايت ڪرڻ تي پاڪستاني ڊائرڪٽر کيس چيو ته ڀلي نڪري وڃي.

اداڪارا چيو ته هن وقت هوءَ باڪو ۾ ئي آهي ۽ پنهنجي پيسن جي ٽڪيٽ وٺي واپس پاڪستان ايندي.

اداڪارا چيو ته هن وڊيو جو مقصد اهو آهي جيڪي ڇوڪريون شوبز ۾ ڪم ڪري رهيون آهن اهي اهڙن ماڻهن کان هشيار رهن جيڪي استحصال لاءِ هر وقت تيار ويٺا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔