روس کان ڪڻڪ جي پهرين کيپ ڪراچي پهچي وئي

ڪراچي: ملڪ ۾ اَٽي جي بحران جي خاتمي لاءِ حڪومت طرفان ڪڻڪ درآمد ڪئي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ روس کان حڪومتي سطح تي گهرايل ڪڻڪ جي پهرين کيپ ڪراچي پهچي وئي آهي.

خوراڪ جي تحفظ واري وزارت جي اختيارين موجب روس کان ڪڻڪ جا ٻه جهاز پهتا آهن جڏهن ته وڌيڪ ساڍا چار لک ٽن ڪڻڪ گوادر رستي پاڪستان پهچندي.

حڪومتي سطح تي مجموعي طور تي ساڍا چار لک ڪڻڪ درآمد ڪئي پئي وڃي ۽  ٽيهه مارچ تائين روس کان حڪومتي سطح تي درآمد ڪيل ڪڻڪ جا سمورا جهاز پاڪستان پهچي ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔