سنڌ ۾ پيپلزپارٽي کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ ايس يو پي ۽ جي ڊي اي اتحاد ڪري ورتو

ڪراچي :سنڌ ۾ پيپلزپارٽي کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ ايس يو پي ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس اتحاد ڪري ورتو آهي

 سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي گڏيل جدوجهد ۽ ايندڙ چونڊون جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان وڙهڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران سيد زين شاهه چيو آهي ته سنڌ ورهائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، سنڌ جو عوام اهڙين سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏيندو

 جي ڊي اي اڳواڻن سردار رحيم، صدر الدين شاهه ۽ صفدر عباسي پاران اتحاد ۾ شامل ٿيڻ تي ايس يو پي جي آجيان ڪئي وئي

سيد صدر الدين شاهه ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته 2023 وارين چونڊن ۾ پيپلزپارٽي کي ٽف ٽائيم ڏينداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔