ايم ڪيو ايم جا مطالبا پورا ڪري ڇڏيا، خدشا به ختم ڪنداسين: شرجيل ميمڻ

حيدرآباد: سنڌ جي سُڌ سماءَ واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جا جائز مطالبا پورا ڪري ڇڏيا ۽ سندن خدشا به ختم ڪنداسين.

حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ جو چوڻ هوته تڪبنديون ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي ۽ حڪومت پروپوزل تيار ڪندي آهي جڏهن ته ايم ڪيو ايم جا جيترا به جائز مطالبا هئا سنڌ سرڪار پورا ڪري ڇڏيا آهن.

هن چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي ڪجهه خدشا آهن ته ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، پيپلز پارٽي محبت کانسواءِ ٻي ڪائي ٻولي ناهي سمجهندي.

صوبائي وزير چيو ته پي ٽي آءِ وارن بلاول خلاف ڪوڙ ڳالهايو، اسان تحريڪ انصاف جي ڪنهن به ايم اين اي يا ايم پي اي سان رابطو ناهي ڪيو، فواد چوڌري طرفان مڙهيل ڪوڙن الزامن تي قانوني رستو اختيار ڪندس.

هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ سڀ کان وڌيڪ صدارتي آرڊيننس آيا ۽ صدراتي آرڊيننس تڏهن ايندا آهن جڏهن نمبر پورا ناهن هوندا، پي ٽي آءِ وٽ نمبر  به پورا نه هوندا هئا ۽ بل پاس ٿي ويندا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔