اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن وارو ڪيس، سنگل بئنچ جو فيصلو معطل ڪرڻ جي درخواسترد

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي رڄڌاني ۾ مڪاني چونڊن تي سنگل بئنچ جو فيصلو معطل ڪرڻ واري درخواست رد ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

مڪاني چونڊن خلاف اليڪشن ڪميشن ۽ وفاقي سرڪار جي اپيلن تي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي.

اپيلن ۾ سنگل بئنچ جو 31 ڊسمبر وارو اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ وارو فيصلو چئلينج ڪيو ويو هو.

عدالت مڪاني چونڊن بابت اپيلن تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي نوَ جنوري تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سنگل بئنچ وارو فيصلو معطل ڪرڻ واري درخواست رد ڪندي پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته هن عدالت جي فيصلي کي سنگل بئنچ ڌيان ۾ نه رکيو، عدالت پڇاڻو ڪيو ته جڏهن اليڪشن ڪميشن ڏانهن اِهو معاملو موڪليو ويو ته ڇا ٿيو؟ جنهن تي وڪيل جواب ڏيندي چيو ته 27 هين ڊسمبر تي اليڪشن ڪميشن 31 هين ڊسمبر واري اليڪشن ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏنو جڏهن ته 28 هين ڊسمبر واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي چئلينج ناهي ڪيو ويو، 28 ڊسمبر وارو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو حتمي آهي.

اليڪشن ڪميشن جي ڊي جي لا عدالت کي ٻڌايو ته 28 هين ڊسمبر تي اليڪشن ڪميشن فيصلو ڪيو ته اسان چونڊون ملتوي ڪري چڪا آهيون، 28 هين ڊسمبر وارو اليڪشن ڪميشن جو آرڊر 27 هين ڊسمبر واري آرڊر تي ٻڌل هو، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته ڪميشن پنهنجي آرڊر ۾ جيڪي سبب ڄاڻايا، سنگل بئنچ انهن کي ڏٺو ئي ناهي.

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اڃا قانون ٺهيو ئي ناهي؟ جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته ايڪٽ ۾ ترميم وارو بل قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظور ٿي چڪو آهي، جيڪو صدر صحيح ڪرڻ بنا واپس ڪري ڇڏيو آهي.

ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته 19 هين ڊسمبر وارو نوٽيفڪيشن چئلينج ناهي ڪيو ويو، هاڻوڪي پيٽيشن ۾ به چئلينج ناهي ڪيو ويو.

چيف جسٽس چيو ته پٽيشن ۾ 19 هين ڊسمبر نوٽيفڪيشن چئلينج ڪيو ويو آهي، جيڪي آئيني سوال ان ۾ شامل آهن، نه ڪير ٻيو ان پاسي اچي رهيو آهي نه اوهان اچي رهيا آهيو.

چيف جسٽس عامر فاروق اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سان مڪالمو ڪندي چيو ته هڪ بل جي بنياد تي ته چونڊون ملتوي نٿيون ٿي سگهن، مان هي ڪيس سڀاڻي يا پرينهن ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيا ٿو، اوهان تياري ڪري اچو.

بعد ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن ۽ وفاقي سرڪار جي اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ واري حڪم خلاف اپيلون ٻڌڻي جوڳيون هجڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو بعد ۾ ٻڌائيندي سنگل بئنچ وارو فيصلو معطل ڪرڻ واري درخواست رد ڪندي عدالت پي ٽي آءِ جماعت اسلامي کي جواب ڏيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔