ڪراچي: سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ دهشتگرد واقعن جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، دهشتگردي جي خطري بابت گهرو کاتي آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز کي خط لکي آگاهه ڪري ڇڏيو
گهرو کاتي خط جي متن ۾ چيو آهي ته ٽن پابندي مڙهيل تنظيمن ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ دهشتگردي جو منصوبو جوڙيو آهي
خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بي آر اي، براس ۽ ايس آر اي دهشتگردن ۾ ڌماڪيدار مواد ۽ هٿيار ورهائي ڇڏيا آهن
خط موجب برهمداغ بگٽي جو سالو شجاع بگٽي ڪراچي يونيورسٽي ۾ پڙهندو آهي، هو انٽيليجنس ڪمانڊر طور پنهنجي تنظيم کي ٽيڪنيڪلي ڄاڻ فراهم ڪري ٿو
گهرو کاتي موجب شجاع بگٽي سکر ۾ دهشتگرد ڪاررواين جو ارادو رکي ٿو، خيرپور واسي زاهد چانڊيو جو واسطو بي آر اي سان آهي، کيس سرڪاري عمارتن کي نشانو بڻائڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي
خط ۾ آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته شجاع بگٽي سنڌ مان راجستان کان انڊيا وڃي تربيت حاصل ڪرڻ جي پلاننگ ڪري رهيو آهي
خط ۾ چيو ويو آهي ته سمورا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هڪ ٻئي سان رابطا مضبوط رکي سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪن