اسلام آباد ۾ دهشتگردي جي خطري سبب سيڪيورٽي انتظام سخت

اسلام آباد: اسلام آباد ۾ دهشتگردي جي خطري سبب سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن، شهر جي مختلف علائقن ۾ پوليس جون 25 اضافي چوڪيون قائم ڪيون ويون آهن

اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته ريڊ زون جي داخلي رستن جي سيف سٽي ڪيمرائن سان ريڪارڊنگ ڪئي ويندي

پوليس پاران ميٽرو بس ۾ سفر ڪندڙ مسافرن جي به وڊيو ريڪارڊنگ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي

اسلام آباد پوليس ملڪي توڙي پرڏيهي شهرين کي سڃاڻپ ڪارڊ گڏ کڻي گهمڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي

اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته شهري ڪا به مشڪوڪ سرگرمي نظر اچڻ جي صورت ۾ هيلپ لائين ون فائيو تي اطلاع ڪن

هي به پڙهندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔