ڪراچي: رهائشي عمارت ۾ گيس ليڪيج سبب ڌماڪو، 15 ڄڻا فوت، ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺيان دٻيل

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي گل رعنا ڪالوني سولجر بازار ۾ هڪ گهريلو عمارت ۾ گيس سلينڊر ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڇت ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻارڙي سميت 15 ڄڻا فوت جڏهن ته 14 زخمي ٿي پيا آهن.

حادثو گهٽي نمبر 05 جي ڀرسان آغا خان اسڪول جي علائقي ۾ پيش آيو حادثي جي اطلاع ملندي ئي امدادي ادارا فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي ويا. ايڌي فائونڊيشن جون ايمبولينسون ۽ رضاڪار زخمين جي فوري منتقلي جي لاءِ سرگرم عمل آهن. لاشن ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي کين طبي امداد ڏني  پئي وڃي.

ڇيپا ذريعن موجب فوت ٿي ويل ماڻهن ۾ طلحه ۽ هڪ 60 ورهين جو رياض شامل آهن. امدادي ادارا ۽ لاڳاپيل اختياريون واقعي واري هنڌ موجود آهن وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ته ڌماڪي جو اصل  سبب ڇا هو. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي شدت ايتري وڌيڪ هئي جو ڀرپاسي جون عمارتون به لڏي ويون ۽ علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو.

اي ايس پي جمشيد عاشر موجب واقعو چار لڳي 15 منٽن تي پيش آيو بلڊنگ گارڊر  تي ٺهيل هئي عمارت ڪرڻ  جي سببن جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.چيف آپريٽنگ آفيسر ڊاڪٽر عابد ٻڌايو ته گيس بلاسٽ پهرين منزل تي ٿي. سحري جي وقت  ڌماڪو ٿيو. ڌماڪو گيس ليڪيج سبب ٿيو آهي. گرائونڊ پلس  ٻن منزلن تي ننڍا ڪمرا ٺهيل آهن. جڳهه تمام گهڻي گهٽ هجڻ سبب آپريشن ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. اها ليگل عمارت نه پر هڪ ڪمري جي عمارت آهي. عمارت ڪرڻ سبب ڀرپاسي جي عمارتن کي به نقصان ٿيو. اختيارين ماڻهن کي چيو آهي ته اهي واقعي واري هنڌ کان پري رهن ته جيئن امدادي ڪارروايون متاثر نه ٿين. فوت ٿي ويلن   ۽ زخمين ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن.

ملبي مان وڌيڪ هڪ ٻن ماڻهن جي موجودگي جي اطلاع آهي، عمارت جي ملبي مان 10 ورهين جي سجاد جي لاش به ڪڍي وئي آهي. ملبي مان ٻن عورتن جون لاشون به ڪڍيون ويون آهن جن مان هڪ جي سڃاڻپ 44 ورهين جي زينب جي نالي سان ڪئي وئي جڏهن ته ٻئي  جي سڃاڻپ 17 ورهين جي افشان جي نالي سان ٿي آهي.

عمارت ڪرڻ سبب فوت ٿي ويلن ۾ 60 ورهين جو محمد شاهد، 50 ورهين جو وڪيو، 14 ورهين جو بلاول، 10 ورهين جي پدهرا، 6 ورهين جو عدنان، 7 ورهين جو رياض، 25 ورهين جي تسليم، 6 ورهين جو زين العابدين، 40 ورهين جو ڪامران، 12 ورهين جو سنهيان، 19 ورهين جي ڪوثر، 55 ورهين جي منه، 16 ورهين جو جنيد شامل آهن.

تبصرے بند ہیں۔