واشنگٽن: آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي فوج هن هفتي جي آخر تائين ايران تي حملو ڪري سگهي ٿي پر صدر ڊونلڊ ٽرمپ انهي باري ۾ اڃان تائين حتمي فيصلو نه ڪيو آهي.
آمريڪي ميڊيا اختيارين کي حوالو ڏيندي چيو آهي ته انهي ڪارروائي تي غور، فڪر ۾ ڪافي وقت ضايع ٿي رهيو آهي انهي سان گڏ ئي مختلف عسڪري ۽ سياسي رخن جو به جائزو ورتو پيو وڃي. صدر ٽرمپ به انهي باري ۾ گهڻو وقت وڌيڪ سوچڻ ۾ گذاري رهيو آهي.
آمريڪي ميڊيا وڌيڪ ٻڌايو ته فوجي اهلڪار پنهنجون تياريون مڪمل ڪري چڪا آهن. خطي ۾ ڪنهن وقت به هنگامي ڪارروائي جي لاءِ فوجي الرٽ آهن.
ياد رهي ته ايران تي امڪاني آمريڪي حملي جي خدشي کي نظر ۾ رکندي اسرائيل ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته شهرين کي بنڪرز جي ڀرسان رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
تبصرے بند ہیں۔