وزيراعظم شهباز شريف غزه امن بورڊ اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا پهچي ويو

واشنگٽن:  وزيراعظم شهباز شريف غزه امن بورڊ جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آمريڪا پهچي ويو آهي.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب وزيراعظم کي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان بورڊ آف پيس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت جي باضابطه دعوت ڏني وئي هئي.

ترجمان موجب وزيراعظم 19 فيبروري تي واشنگٽن ڊي سي ۾ ٿيل بورڊ آف پيس جي افتتاحي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو جتي غزه جي موجوده صورتحال ۽ امن جي قيام وارن قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. وزيراعظم سان گڏ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سميت اعليٰ اختيارين تي ٻڌل وفد به موجود آهي. دوري جي دوران وزيراعظم جي آمريڪي قيادت ۽ ٻين شريڪ عالمي اڳواڻن سان  اهم ملاقاتن جو امڪان آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔