سنڌ حڪومت ۽ آمريڪي زراعت کاتي طرفان سنڌ جي 1,300 اسڪولن ۾ مفت کاڌو ۽ راشن لاءِ 80 ملين ڊالر جي منصوبي جو اعلان

ڪراچي: سنڌ حڪومت ۽ آمريڪي زراعت جي کاتي (يو ايس ڊي اي) جو مئڪگورن-ڊول بين الاقوامي پروگرام براءِ تعليم ۽ ٻارن جي غذائيت، سندھ اسڪول ميلز پروگرام جو اعلان ڪيوويوآھي، جنهن تحت آمريڪا پارن فراهم ڪيل خوراڪ ذريعي سنڌ جي 1,300 پرائمري اسڪولن ۾ ٻن لکن کان وڌيڪ ٻارن کي روزانو تازو تيارڪيل کاڌو ۽ گهرکڻي وڃڻ لاءِ راشن ڏنو ويندو.

80 ملين آمريڪي ڊالرن جي مالي مدد سان هي پروگرام سيو دي چلڊرن ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام (ڊبليو ايف پي) جي نظرداري ھيٺ سنڌ پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ، اسڪول ايجوڪيشن ۽ لٽريسي ڊپارٽمينٽ، ۽ فوڊ ۽ هيلٿ ڊپارٽمينٽس جي سهڪار سان ھلايو ويندو. ھن پروگرام جو مقصد ٻارن جي حاضري، داخلا ۽ ابتدائي تعليمي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ آهي.

هيلتائين اسڪولن ۾ خوراڪ فراهم ڪرڻ وارن ۽ علائقائي سطح تي تعليم ۽ غذائيت سان سلھاڙيل منصوبن ۾ ھي سڀ کان وڏي سيڙپڪاري مان هڪ آهي، جيڪا، سنڌ ۾ غذائي ۽ تعليمي نتيجن کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم قدم پڻ آهي. ھاڻوڪين سيلابن ۽ معاشي مشڪلاتن جيڪري ٻارن ۾ غذائي کوٽ وڌي آھي، جنھن لاء هي پروگرام انهن ٻارن جي اسڪولن ۾ حاضري کي برقرار رکڻ ۽ سندن تعليمي ڪارڪردگي بھتربڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.

پروگرام جي مؤثر ۽ پائيدار نتيجن کي يقيني بڻائڻ ۽ ان جي ادارتي سطح تي قبوليت لاءِ اسڪولن توڙي ضلعي سطح تي عملي جي تربيت ۽ صلاحيت وڌائڻ ۾ نمايان سيڙپڪاري ڪئي ويندي. هزارين استادن، پرنسپلز، اسڪول مئنيجمينٽ ڪميٽي جي ميمبرن ۽ ضلعي آفيسرن کي فوڊ سيڪيورٽي، غذائيت، ۽ مانيٽرنگ جي تربيت ڏني ويندي. گڏوگڏ چونڊيل اسڪولن ۾ پاڻي، صفائي ۽ هائجين (واش) جون بنيادي سهولتون بحال ڪيون وينديون، جيئن ٻارن کي صاف ۽ محفوظ ماحول ۾ کاڌو مهيا ڪري سگهجي.

هن موقعي تي ڪراچي ۾ مقرر آمريڪي قونصل جنرل چارلس گڊمن چيو، "اسان کي فخر آهي ته آمريڪي ھاري ۽ زرعي پيداوار فراهم ڪندڙ پاڪستاني ٻارن جي مدد ڪري رهيا آهن ۽ معياري ڪڻڪ، داليون ۽ کاڌي جو تيل فراهم ڪري ايندڙ ڇهن سالن ۾ 250,000 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت کاڌو ۽ راشن مهيا ڪندا رھندا.” هن وڌيڪ چيو، "مئڪگورن-ڊول فوڊ فار ايجوڪيشن پروگرام گڏيل خوشحالي لاءِ هڪ عملي تعاون آهي، جيڪا ٻنهي ملڪن جي ھارين، ٻارن ۽ پاڪستان-آمريڪا تعلقات لاءِ مثبت پيشرفت آهي.”

سيو دي چلڊرن پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر محمد خرم گوندل چيو، "پاڪستان ۾ بک ٻارن جي سکيا ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي. هي قدم ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿو ته سنڌ جا ٻار باقاعدگي سان اسڪول اچن، ڪلاس ۾ ڌيان ڏيئي پڙھن ۽ صحتمند انداز ۾ اڳتي وڌن.” هن وڌيڪ چيو، "USDA مئڪگورن-ڊول پروگرام جي سهڪار سان سيو دي چلڊرن، سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل اسڪولن کي قابل بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن، ته جيئن ٻار غذائيت سان ڀرپور، محفوظ ۽ مددگارماحول ۾ تعليم حاصل ڪري روشن مستقبل ڏانهن وڌي سگھن.”

ورلڊ فوڊ پروگرام (ڊبليو ايف پي) پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ۽ نمائندي ڪوڪو اوشئييما چيو، "پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 25 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. اسڪولن ۾ کاڌ خوراڪ فراهم ڪرڻ وارا اهڙا منصوبا ٻارن جي تعليم ۾ جامع تبديلي آڻڻ لاءِ ثابت ٿيل قدمن مان ھڪ آهن اهي صحتمند غذائون مهيا ڪن ٿا، حاضري يقيني بڻائين ٿا ۽ سکڻ جي صلاحيت وڌائين ٿا.” هن وڌيڪ چيو، "ڊبليو ايف پي سنڌ حڪومت سان يو ايس ڊي اي جي مالي تعاون سان اهڙو اسڪول فيڊنگ سسٽم قائم ڪرڻ تي فخر محسوس ڪري ٿو، جيڪو هر ٻار کي سکڻ، اڳتي وڌڻ ۽ پنهنجي مڪمل صلاحيت تائين پهچڻ جو موقعو فراهم ڪري سگھندو.”

اعليٰ سطح جي شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ صوبائي سطح تي منصوبي جي قبوليت لاءِ ھن پروگرام جي نفاذ جي نگراني هڪ گڏيل اسٽيرنگ ڪميٽي ڪندي، جنهن ۾ سنڌ حڪومت، ڊبليو ايف پي، سيئو دي چلڊرن ۽ ٻيا قومي شراڪتدار شامل آهن. انهن جي گڏيل ڪوششن سان اهو يقيني بڻايو ويندو ته آمريڪي ڪڻڪ، کاڌي جو تيل ۽ داليون — جيڪي آمريڪا جي فارمن مان درآمد ڪيون وينديون آهن ۽ سنڌ جي مقامي ۽ علائقائي فارمن مان تازا ميوا ۽ ڀاڄيون، جيڪي مقامي منڊين مان خريد ڪيون وينديون، اسڪولن تائين پهچن، جنهن سان ٻارن کي ضروري غذائيت ملي ۽ مقامي ھارين توڻي صوبائي معيشت کي پڻ فائدو پهچي.

مئڪگورن-ڊول پروگرام جو تعارف:

آمريڪي زراعت جو شعبو (يو ايس ڊي اي) جو مئڪگورن-ڊول بين الاقوامي پروگرام براءِ تعليم ۽ ٻارن جي غذائيت، دنيا جي گهٽ آمدني ۽ خوراڪ جي گهٽتائي وارن ملڪن ۾ ٻارن جي تعليم، نشوونما ۽ غذائي تحفظ ۾ مدد فراھم ڪريٿو. ھي پروگرام آمريڪي ھارين، مالوند ۽ زرعي مصنوعات سازن کان غذائيت سان ڀرپور ڏٻا پئيڪ زرعي شيون خريد ڪري اسڪولن ۾ کاڌ خوراڪ ذريعي والدين ۽ ٻارن جي غذائيت سان سلھاڙيل منصوبن کي مدد فراھم ڪري ٿو.

تبصرے بند ہیں۔