لنڊن: برطانيه ۾ رمضان المبارڪ جو ڀلارو مهينو شروع ٿيڻ سان ئي سپر مارڪيٽن ۾ مسلمانن جي لاءِ عام واهپي جي شين ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب برطانيه ۾ رمضان المبارڪ جو ڀلارو مهينو شروع ٿيڻ سان ئي مسلمانن جي لاءِ عام واهپي جي شين ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي وئي آهي. جنهن سان روزا رکندڙن کي وڏو رليف ملندو.
رپورٽ موجب رمضان شروع ٿيڻ سان ئي برطانيه ۾ 10 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت اڌ ڪئي وئي آهي، انهي کان علاوه ساڍا 12 پائونڊ ۾ ملندڙ اٽي جو ٿيلهو هاڻ 6 پائونڊ 25 پينس ۾ ملي سگهندو.
انهي کان علاوه گيهه، صابڻ، پيسٽ، بيصڻ، دال، چانور، تيل، ۽ ٻين شين تي به اڌواڌ رعايت ڪئي وئي آهي. برطانيه ۾ 10 ڪلو چانورن جي ٿيلهي تي 5 پائونڊ ۽ 5 ڪلو چانورن تي 3 پائونڊ جي بچت ڏني وئي آهي جيئن روزيدار انهي سهوليت مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪري سگهن.
تبصرے بند ہیں۔