اسلام آباد: وفاقي وزير اطلاعات عطاءُالله تاڙ هڪ دفعو ٻيهر پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ڊيل جي حوالي سان سامهون ايندڙ خبرن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي.
اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ واضح ڪيو ته پي ٽي آءِ باني جي حوالي سان سامهون ايندڙ خبرن ۾ ڪنهن به قسم جي سچائي نه آهي، باني سان نه ڪا ڊيل ٿي رهي آهي ۽ نه ئي وري ڪا ڍر ڏني پئي وڃي. رعايت جي حوالي سان هلندڙ خبرون بي بنياد آهن انهن خبرن ۾ ڪنهن به قسم جي سچائي نه آهي.
ياد رهي ته وفاقي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ 2 ڏينهن اڳ به عمران خان سان ڊيل جي خبرن جي ترديد ڪندي اپوزيشن کي واضح طريقي سان چئي ڇڏيو هو ته عمران خان جي صحت جي معاملي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي.
تبصرے بند ہیں۔