نيويارڪ: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي انڊونيشين ۽ مصري وفدن سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي ملاقاتون ٿيون، جن دوران غزه جي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب فلسطين بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي بريفنگ دوران اسحاق ڊار جي انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير سوجيونو سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو۔ ٻنهي اڳواڻن ڏهاڪن کان هلندڙ ڀائرانا لاڳاپن جي مضبوطي ۽ گهراين تي اطمينان جو اظهار ڪيو۔
ملاقات دوران غزه ۽ مغربي ڪناري جي صورتحال تي به ڳالهيون ٿيون، جڏهن ته بين الاقوامي قانون ۽ اقوام متحده جي قراردادن موجب فلسطين ۾ منصفانه، پائيدار ۽ جامع امن لاءِ ويجهي تعاون تي اتفاق ڪيو ويو۔ ترجمان ٻڌايو ته ڊسمبر 2025ع ۾ انڊونيشيا جي صدر پرابوو سبيانتو جي پاڪستان دوري کي خاص اهميت ڏني وئي، ۽ هن دوري کي ٻطرفي تعاون لاءِ نئين تحرڪ ۽ ڏهاڪن تي پکڙيل اڳڀرائي جي عڪاسي قرار ڏنو ويو۔
ان کان علاوه فلسطين بابت سلامتي ڪائونسل اجلاس جي موقعي تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ جاري تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو۔ ترجمان موجب ٻنهي اڳواڻن ويجهي رابطي جي اهميت تي زور ڏنو۔ ملاقات دوران غزه ۽ مغربي ڪناري جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ بين الاقوامي قانون جي پاسداري سان گڏ فوري ۽ بنا رڪاوٽ انساني امداد جي ضرورت تي زور ڏنو ويو۔
ان کان سواءِ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان شام جي اقوام متحده لاءِ مستقل سفير ابراهيم اولابي ملاقات ڪئي۔ اسحاق ڊار شام ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ تازين اڳڀرائين جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته انهن قدمن سان خطي ۾ امن، اتحاد ۽ علائقائي سالمیت کي هٿي ملندي۔ نائب وزيراعظم چيو ته بين الاقوامي قانون، خودمختياري ۽ موجوده معاهدن جي احترام بابت پاڪستان جو اصولي موقف واضح آهي، ڇو ته بين الاقوامي واعدن جي ڀڃڪڙي علائقائي استحڪام کي نقصان پهچائي ٿي، ۽ اهڙن معاملن کي لاڳاپيل سلامتي ڪائونسل قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي۔ سفير ابراهيم اولابي پاڪستان جي مستقل ۽ اصولي حمايت کي ساراهيندي نائب وزيراعظم کي شام ۾ استحڪام ۽ قومي مفاهمت لاءِ جاري ڪوششن بابت آگاهه ڪيو۔
تبصرے بند ہیں۔