شهيد بينظيرڀٽو جي 15 هين ورسي: ڳڙهي خدابخش ۾ جلسي جون تياريون مڪمل، قافلن جي آمد جاري

ڪراچي: شهيد بينظير ڀٽو جي اڄ 15 هين ورسي ملهائي پئي وڃي، ڳڙهي خدابخش ۾ جلسي جون تياريون مڪمل، جلسي لاءِ پنڊال سجايو ويو، سنڌ سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان قافلن جي آمد جاري آهي

پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، آصفه ڀٽو زرداري ۽ شهيد بينظير جي ڀيڻ صنم ڀٽو نئون ديرو هائوس پهتل آهن

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو آهي ته اڄ 15 هين يومِ شهادت تي شهيد بينظير ڀٽو کي  ڀيٽا پيش ڪري دهشتگردي، معاشي ۽ پرڏيهي معاملن بابت ڳالهائيندس، ڪارڪن پنهنجِي قائد کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ شرڪت ڪن

جڏهن ته وفاقي وزير خورشيد شاهه ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيدن جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهُري، ورسي ۽ جلسي لاءِ سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن

شهيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ڳڙهي خدا بخش پهتل جيالن جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان، پارٽي گيتن تي جهمريون  هنيون پيون وڃن، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي سميت مختلف شهرن ۾ ميڻ بتيون ۽ ڏيئا ٻاري شهيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي

خيرپور ۾ ليڊيز ونگ طرفان شهيد بينظير ڀٽو جي تصوير آڏو ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي، تقريب ۾ قومي اسيمبلي جَي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ٻين جي به شرڪت، لاڙڪاڻو ۽ قاضي احمد ۾ به  پ پ ڪارڪنن شهيد بينظير جي تصوير اڳيان ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔