ڪراچي ۽ حيدرآباد جا سياسي ايڊمنسٽريٽر هٽايو: اليڪشن ڪميشن جي ٻيهر هدايت

ڪراچي:اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت کي ٻيهر خط لکي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايڊمنسٽريٽرن جي مقررين جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر پاران مڪاني کاتي واري سيڪريٽري کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي زيدي، جماعت اسلامي جي اڳواڻ راجا عارف سلطان ۽ وڪيل شهاب امام پاران شڪايتون مليون آهن، انهي ڪري  ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايڊمنسٽريٽرن جي مقرري جا نوٽيفڪيشن واپس ورتا وڃن، جڏهن ته 15 جنوري تي ٿيندڙ مڪاني اليڪشن کان اڳ ڪنهن به آفيسر جي مقرري يا بدلي قانون جي خلاف ورزي هوندي، واضح رهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سياسي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ واري معاملي تي اليڪشن ڪميشن 21 ڊسمبر تي به سنڌ حڪومت کي خط لکي ايڊمنسٽريٽرن اليڪشن ڪميشن جاويد الرحمان ڪلوڙ کي ڪورنگي ۽ رحمت الله شيخ کي ضلعي اوڀر جي ڊي ايم سيز مان هٽائڻ ۽ محمد فاروق ديسوالي کي حيدرآباد جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جو نوٽيس ورتو هو، کي هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو،

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔