مسز ورلڊ جو تاج 21 سالن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي ناريءَ جي نانءِ

لاس ويگاس؛ عالمي حسن جي مقابلي ۾ ”مسز ورلڊ“ جو تاج 21 سالن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي حسينا ماڻي ورتو آهي

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪا جي شهر لاس ويگاس ۾ منعقد حسن جي مقابلي ۾ سرگم ڪوشل مسز ورلڊ 2022 (دنيا جي حسين ترين شادي شده عورت) جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي

ميڊيا رپورٽن موجب عالمي حسن جي مقابلي ۾ 63 ملڪن سان واستو رکندڙ شادي شده عورتن شرڪت ڪئي ۽ مختلف مرحلن کانپوءِ ڀارت جي سرگم ڪوشل کي مسز ورلڊ 2022 قرار ڏنو ويو

سرگم ڪوشل جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ موجب سندس تعلق ڄمون ڪشمير سان آهي، هن انگريزي ادب ۾ پوسٽ گريجوايشن ڪئي آهي ۽ ڪجهه عرصو پڙهائيندي به رهي آهي، هن 2018 ۾ ڀارتي بحريا جي آفيسر سان شادي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔