پوليس ڪارڪردگي سڌاري، ڦرلٽ واقعا روڪرائي : گورنر ٽسوري پاران 48 ڪلاڪن جو الٽيميٽم

ڪراچي: سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري پوليس کي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ 48 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو. ان ڏس ۾ گورنر ڪامران ٽسوري چيو آهي ته اسلام آباد ۾ نوجوان کي زيادتي جو نشانو بڻائي لٽڪايو ويو، جيڪو افسوسناڪ آهي، ڪراچي ۾ به  هٿياربندن اين اي ڊي يونيورسٽي جي شاگرد بلال کي ڦر دوران مزاحمت تان قتل ڪيو ويو، اهو سلسلو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي، سنڌ جا سمورا ايس ايچ اوز ۽ ڊي ايس پيز وردي پائي پنهنجن علائقن ۾ نڪري وڃن، ڏينهن رات ڪم ڪري ڦرلٽ جي واقعن کي بند ڪرائين،  هن چيو ته سنڌ ۾ ڦرلٽ جو ڪو واقعو پيش آيو ته آئون پاڻ ٿاڻي پهچي ايس ايچ او سان ويهندس، پوءِ اهڙو ايڪشن ٿيندو، جيڪو ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته آءِ  جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سٺو ماڻهو آهي، آئون کيس درخواست ٿو ڪريان ته هو ايس ايچ اوز ۽ ڊي ايس پيز کي متحرڪ ڪري، آئون 48 ڪلاڪن جو وقت ڏيان ٿو، پوليس جي ڪارڪردگي بهتر نه ٿي ۽  ڦرلٽ جي واقعن کي نه روڪيو ويو ته ايڪشن ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔