عمران خان جي اسيمبليون ٽوڙڻ کان اڳ ئي چوڌري پرويز الاهي ڏچي ۾ پئجي ويو

عمران خان جي اسيمبليون ٽوڙڻ کان اڳ ئي پنجاب جو وڏو وزير چوڌري پرويز الاهي ڏچي ۾ پئجي ويو

پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي سان اجلاس دوران ڏند چڪ ڏيندڙ صوبائي وزير سردار حسنين بهادر دريشڪ وزارت تان استعيفا ڏئي ڇڏي

سردار حسنين تصديق ڪندي پنهنجي استعيفا وڏي وزير پرويز الاهي ڏانهن اماڻي ڇڏي

گذريل ڏينهن صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ سردار حسنين جا وڏي وزير پرويز الاهي سان ڏند چڪ ٿيا هئا

ذريعن موجب اجلاس ۾ هڪ ئي وقت گهڻا وزير ڳالهائي رهيا هئا، وڏي وزير پاران ڳالهائڻ کان روڪڻ تي سردار حسنين ڪاوڙ ۾ اچي ويو، صوبائي وزير استعيفا جي ڌمڪي ڏيندي هلندڙ اجلاس مان اٿي هليو ويو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔