سردار شاهه ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ تي ڪاوڙجي پيو

ڪراچي: تعليم وارو وزير سردار شاهه ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ تي ڪاوڙجي پيو، ڪراچي ۾ سنڌ ڪرافٽس فيسٽيول ۾ ڳالهائيندي سردار شاهه چيو ته خبر نه آهي ته ڪهڙي بنياد تي رپورٽ ۾ سنڌ جي تعليم کاتي کي سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ کاتو قرار ڏنو ويو آهي

هن چيو ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل وارا ٻڌائين ته هنن ڪنهن کان سروي ڪئي آهي؟ تعليم کاتي جي ڪهڙي شعبي ۾ هنن کي ڪرپشن نظر آئي آهي؟

 ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جو سربراهه عادل گيلاني سعيد غني جي دور ۾ تعليم کاتي جي پراڪيورمينٽ ڪميٽي جو ميمبر رهيو آهي

صوبائي وزير چيو ته عادل گيلاني ٻڌائي ته کيس ڪهڙي ڪرپشن نظر آئي، بنا ثبوتن جي ڪنهن به اداري خلاف ڪرپشن جي فتويٰ جاري ڪرڻ غلط آهي

تعليم واري وزير سردار شاهه چيو ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل وارا تعليم کاتي ۾ ڪرپشن جا ثبوت پيش ڪن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔