نامزدگي ڪاغذن ۾ ڌيءُ لڪائڻ تي عمران خان جي نااهلي وارو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي نااهلي بابت ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي

عمران خان تي نامزدگي ڪاغذن ۾ پنهنجي مبينا ڌيءَ تيريان کي لڪائڻ جو الزام آهي، جنهن سبب هڪ شهري سندس نااهلي لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عمران خان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت غلط ڄاڻ ڏني، تفصيلن ۾ پنهنجي ٻن ٻارن جو ذڪر ڪيو ۽ هڪ جي ڄاڻ لڪائي

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار عمران خان جي نااهلي جو ڪيس 20 ڊسمبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن لاءِ ڪاز لسٽ جاري ڪئي وئي آهي

عدالت عمران خان، اليڪشن ڪميشن ۽ وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔