پهريون ڀيرو مسلم ملڪ چنڊ تي پير رکڻ لاءِ وڏي ڪاميابي ماڻي وتي

گڏيل عرب امارات (يو اي اي) چنڊ جي سطح تي پهچڻ وارو پهريون مسلم ملڪ بڻجي ويو.

يو اي اي جو چنڊ جي سطح تي لينڊ ڪرڻ وارو روورراشد اسپيس ايڪس جي راڪٽ ذريعي آمريڪي رياست فلوريڊا جي لائونچ سينٽر تان خلائي سفر تي روانو ڪيو ويو.

رپورٽ موجب ان راڪٽ ۾ روور سان گڏوگڏ هڪ جاپاني لينڊر به موجود آهي جيڪو چنڊ جي سطح تان ڍير گڏ ڪري آمريڪي خلائي اداري ناسا کي وڪرو ڪندو.

اهڙي طرح اهو پهريون ڀيرو ٿيندو ته چنڊ کي واپاري سرگرمين لاءِ پهريون ڀيرو استعمال ڪيو ويندو.

لانچ جي 35 منٽن کانپوءِ آءِ اسپيس لينڊر راڪٽ کان ڌار ٿي ويو جنهن تي يو اي اي جو روور موجود هو.

لينڊر کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ اسپيس ايڪس جو فالڪن 9 راڪٽ ڪاميابي سان واپس زمين تي لينڊ ٿي ويو.

يو اي اي ان کان اڳ مريخ تي ڪاميابي سان مشن موڪلي چڪو آهي پر پهريون ڀيرو چنڊ جي سطح تي روور کي لينڊ ڪرائڻ پيو چاهي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته روور جو وزن 10 ڪلو گرام آهي، ان ۾ ٻه هاءِ ريزوليشن ڪيمرا، مائيڪرو اسڪوپڪ ڪيمرا، ٿرمل اميج ڪيمرا ۽ ٻيا ڊيوائسز ڳنڍيل آهن ان سان چنڊ تي تحقيق ڪئي ويندي.

لانچ ڪامياب رهيو پر چنڊ تي پهچڻ سولو ناهي ڇاڪاڻ ته اڌ مشنز ناڪام ٿي چڪا آهن، هن وقت تائين رڳو آمريڪا، چين ۽ روس جا مشن ئي چنڊ تي ڪاميابي سان لينڊ ڪري چڪا آهن هاڻي جاپان ۽ يو اي اي جو نالو به ان لسٽ ۾ شامل ٿي ويو آهي.

تازو ڀارت ۽ اسرائيل چنڊ تي مشن موڪلڻ ۾ ناڪام رهيا.

اهو لينڊر ۽ روور 5 مهينن ۾ چنڊ جي سطح تي پهچندا.

چنڊ تي هوا پاڻي ناهي ان لاءِ لينڊر کي ڏکيا طريقا استعمال ڪرڻا پوندا آهن.

يو اي اي جي نائب صدر ۽ دبئي جي شهزادي شيخ محمد بن راشد ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته راشد روور يو اي اي جي خلائي پروگرام جو حصوآهي جنهن جي شروعات مريخ تي پهچڻ سان ٿي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔